جهازن جو مقابلو ڪندڙ اڏامندڙ ڪار تيار

آمريڪي اڏامندڙ ڪار مارڪيٽ ۾ اچڻ کان اڳ ئي 2 هزار ماڻهن گاڏي جو آرڊر ڏئي ڇڏيو، اڏامندڙ ڪار 2025ع تائين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي.
مشهور آمريڪي ڪمپني هاڻي اڏامندڙ ڪار جو خواب سچ ڪري ڏيکاريو آهي، جنهن ۾ مسافر ٽريفڪ جام جي آزار کان آزاد ٿي آسمان ۾ سفر ڪري سگھندا.
ڪيليفورنيا رياست جي Alef Aeronautics نالي ڪمپني ان ڪار جو نالو Alef Model A رکيو ويو آهي، ان گاڏي جي هوا ۾ رفتار 110 ميل في ڪلاڪ آهي، زمين تي اها 25 کان 30 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان سفر ڪري سگھي ٿي.
ڪمپني جي سي اِي او جو چوڻ هو ته اسان وٽ ان گاڏيءَ جا 2 هزار 850 پري آرڊرز اچي چڪا آهن.
ان گاڏيءَ کي ڪنهن به رخ ۾ اڏائي سگھجي ٿو، گاڏي جي بونٽ ۾ لڳل پکا ان کي ڪنهن به قسم هنڌ تان اڏائي سگھن ٿا.
ان گاڏي جي قيمت 3 لک ڊالرز رکي وئي آهي جيڪا لڳ ڀڳ پاڪستاني 83 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.