کَلَ کي چمڪندڙ بڻائڻ لاءِ ڇا ڪجي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جديد دور ۾ چمڪندڙ ۽ صحتمند کَلَ خواب جيان آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ گدلاڻ، دٻاءَ ۽ مصروف زندگي جي ڪري ڏکيو آهي.

اڪثر عورتون اسڪن ڪيئر ۽ سيلف ٿيراپي لاءِ وقت نه ڪڍي سگھنديون آهن ۽ اها لاپرواهي موهيڙن، بي رونق کَلَ ۽ سن برن جو نتيجو بڻجي سگھي ٿي.

کَلَ جي حفاظت ۽ سار سنڀال ڪرڻ اهم آهي ڇو جو اهو رڳو خوبصورتي جو معاملو نه پر ان جو صحت سان گھرو واسطو آهي.

صحتمند کَلَ ان ڳالهه ظاهر ڪندي آهي ته اوهان اندروني طور تي ڪيترو صحتمند آهيو.

جيڪڏهن اوهان مصروف زندگي ۾ پنهنجي کَلَ جي سار سنڀال لاءِ وقت نٿا ڪڍي سگھو ته ماهرن ان ڏس ۾ 4 سوليون ٽپس ٻڌايون آهن جن تي اوهان عمل ڪري سگھو ٿا.

سن اسڪرين لڳايو

جيڪي ماڻهو اهو سوچيندا آهن ته سياري جي موسم ۾ سن بلاڪ جو استعمال ڇڏي ڏين ته اُهي غلط آهن. سن بلاڪ جو استعمال ڪرڻ گھرجي، ڀلي اوهان گھر ۾ ئي ڇو نه هجي.

SPF اوهان جي کَلَ کي نه رڳو سن برن کان بچائيندو آهي پر سج جي ٻين هاڃيڪار اثرن کان محفوظ رکندو آهي.

موئسچرائزر لڳايو

اهو تمام ضروري آهي ته جيڪو موئسچرائزر اوهان لڳايو اهو نرم هجي. ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته اهو اوهان جي کَلَ کي گھڻو سڻڀو نه ڪري ڇڏي.

چهري جي روز ڪلينزنگ ڪريو

منهن جي روز ڪلينزنگ ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي ضرورت ان وقت اڃا به وڌي ويندي آهي جڏهن اوهان ميڪ اپ ڪيو هجي. ڪلينزنگ ميڪ اپ ۽ گند کي اوهان جي منهن جي سوراخن مان ختم ڪري ڇڏيندي آهي ۽ منهن تي داغ ۽ موهيڙا ٿيڻ جو خطرو گھٽجي ويندو آهي.

مناسب سيرم جو استمال

پنهنجي کَلَ جي قسم ۽ مسئلن موجب روز سيرم لڳايو.

سيرم اوهان جي کَلَ کي گندگي ۽ بي رونقي کان بچائيندو آهي، کَلَ کي چمڪ ڏيندو آهي. ماهر وٽامن سي سيرم کي صحتمند کَلَ لاءِ استعمال ڪرڻ تي زور ڏيندا آهن.

ان کانسواءِ ڏينهن جي وقت سن سن گلاسز (عينڪ) جو استعمال ڪريو، رات جو گھٽ ۾ گھٽ 6 کان 8 ڪلاڪ ڀرپور ننڊ ڪرڻ گھرجي ۽ صحتمند ۽ متوازن غذا جي استعمال جو به خيال رکيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.