رمضان رليف پيڪيج جو اعلان، ڪهڙيون شيون سستيون ملنديون؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يوٽيليٽي اسٽورن تي ساڍا 7 ارب رپين جي رمضان رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو ويو.
يوٽيليٽي اسٽورن رمضان پيڪيج تحت اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جيڪو 5 مارچ کان لاڳو ٿيندو.
نوٽيفڪيشن موجب رمضان پيڪيج تحت 800 گرام پتي 100 رپيا، في ڪلو بيسڻ ۽ خارڪ 50 رپيا، کير جو في ليٽر ٽيٽرا پيڪ 30 رپيا، داليون ۽ چانور 25 رپيا في ڪلو، ڪوڪنگ آئل 25 رپيا في ليٽر ۽ 800 ملي ليٽر شربت 30 رپيا سستو هوندو.
ان کانسواءِ بي آءِ ايس پي واهپيدارن لاءِ في ڪلو کنڊ 109 رپيا، گيهه 365 رپيا ۽ 10 ڪلو اٽو 648 رپين تي برقرار هوندو.
يوٽيليٽي اسٽورن تي رمضان رليف پيڪيج 5 مارچ کان چنڊ رات تائين لاڳو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.