پي ٽي آءِ يوٽيوبر عادل راجا ۽ حيدر مهدي کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف يوٽيوبرز عادل راجا ۽ حيدر مهدي کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ اڳواڻن هڪ وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جو عادل راجا ۽ حيدر مهدي سان ڪو واسطو ناهي.
پي ٽي آءِ طرفان وڊيو بيان شير افضل مروت جاري ڪيو، جنهن ۾ ٻيا اڳواڻ به پويان بيٺا آهن.
اسد قيصر وڊيو بيان ۾ چيو ته عوام عادل راجا ۽ حيدر مهدي تي اعتماد نه ڪري، پي ٽي آءِ جي پنهنجي ميڊيا ۽ پنهنجو ترجمان آهي، رڳو ميڊيا ۽ ترجمان جو بيان ئي تسليم ڪيو وڃي.
هن چيو ته ڪجهه ڏيهن کان شير افضل مروت خلاف يوٽيوبر ٻاهر ويهي مهم هلائي رهيا آهن، اهي يوٽيوبر شاهه محمود قريشي ۽ پرويز الاهي خلاف به مهم هلائيندا رهيا.
سندس چوڻ هو ته آئين ۽ قانون بابت اسان جي جدوجهد جاري رهندي، اسان ڪڏهن فوج خلاف ناهي ڳالهايو، پي ٽي آءِ باني جو موقف آهي ته ملڪ ۽ فوج منهنجي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.