ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ کي ڪير ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو؟ چيف ايگزيڪٽيو ٻڌائي ڇڏيو

ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ جي چيف ايگزيڪٽيو جوني گريو عالمي ڪرڪيٽ سميت انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) تي ڪڙڪي پيو.
جوني گريو ويسٽ انڊيز جو عالمي ڪرڪيٽ ۾ ڪمزور ٿيڻ جو ذميوار آءِ سي سي ۽ ٻين ملڪن کي قرار ڏئي ڇڏيو.
هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران هن الزام لڳائيندي چيو ته سڀ چاهن ٿا ته ويسٽ انڊيز ٻيهر مضبوط نه ٿئي پر ڪرڪيٽ جي دنيا کي هڪ مضبوط ويسٽ انڊيز جي ضرورت آهي.
هن چيو ته هن وقت هر ڪوئي اِها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ويسٽ انڊيز اڳ جيان مضبوط نه بڻجي.
جوني گريو چيو ته آءِ سي سي جو فنانشل ماڊل ڪم ناهي ڪري رهيو، ويسٽ انڊيز جو ريونيو وڌيڪ گهٽايو ويو آهي، هاڻي اِهو ست کان پنج سيڪڙو ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مايوسي ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.