چونڊن ۾ مداخلت جي الزامن جي مذمت، 9 مئي جي ذميوارن کي سختي سان منهن ڏبو: ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪور ڪمانڊرز چونڊن ۾ فوج جي مداخلت جي الزامن جي مذمت ڪندي چيو آهي ته چونڊن ۾ فوج عوام کي محفوظ ماحول فراهم ڪيو.
آرمي چيف جنرل عاصم منير جي صدارت هيٺ 263هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ چيو ويو ته چونڊن کانپوءِ سياسي ۽ معاشي استحڪام جي اميد آهي، حڪومت کي مڪمل سهڪار فراهم ڪنداسين، ڪجهه فوج کي بدنام ڪري رهيا آهن، جيڪو مذمت جوڳو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب فورم عام چونڊن دوران محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ تي سول انتظاميا، قانون لاڳو ڪندڙن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪوششن کي ساراهيو.
ڪور ڪمانڊرز چيو ته ڪجهه عنصر معاشري ۾ مايوس ۽ نفرت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام متحد رهي ۽ ملڪي ترقي ۾ حصو وٺي.
فورم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غير آئيني ۽ بي بنياد سياسي بيان بازي ۽ جذباتي شرانگريزي جو سهارو وٺڻ بدران ثبوتن سان قانوني طريقي ڪار تي عمل ڪيو وڃي.
ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس چيو ته 9 مئي جي منصوباسازن ۽ سهولتڪارن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو ۽ هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.