اسحاق ڊار ناڻي واري وزير جي ڊوڙ کان ٻاهر، وزارت ڪنهن کي ملندي؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناليواري بينڪر محمد اورنگزيب کي ناڻي واري وفاقي وزير بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ن ليگ اڳواڻ سينيٽر اسحاق ڊار ناڻي واري وزير جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جي ويجهن ذريعن تصديق ڪئي آهي ته محمد اورنگزيب ئي نئون ناڻي وارو وزير هوندو.
ذريعن موجب گذريل ڏينهن وزيراعظم، وزارت عظميٰ جو حلف کڻڻ کانپوءِ جيڪا ميٽنگ ڪئي، ان ۾ محمد اورنگزيب به موجود هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد اورنگزيب ن ليگ قائد نواز شريف سان به ملاقات ڪئي آهي، شهباز شريف ڪابينا جي حوالي سان نواز شريف سان ملاقات ڪندو، جنهن کانپوءِ ناڻي واري وزير لاءِ محمد اورنگزيب جي نالي جو اعلان ڪيو ويندو.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اسحاق ڊار کي ٻي ڪا اهم وزارت ڏيڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.