پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس حمل ضايع ڪرڻ کي آئيني تحفظ ڏيندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو.
پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن فرانسيسي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پارليامينٽ ميمبرن 1958ع جي آئين ۾ ترميم لاءِ ووٽ ڏنو جنهن ۾ 72 جي ڀيٽ ۾ 780 ووٽن سان ترميم منظور ڪئي وئي، ان ترميم ۾ عورتن لاءِ حمل ضايع ڪرڻ جي حق جي ضمانت ڏني وئي آهي.
واضح رهي ته فرانس ۾ 1975ع کان ئي حمل ضايع ڪرڻ کي قانوني حيثيت حاصل آهي پر سروي ٻڌائين ٿيو ته تقريبن 85 سيڪڙو عوام ان ترميم جي حمايت ڪئي پر مخالف ڌڙن ۽ ويٽيڪن ان قدم تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
ان قدم سان فرانس دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن پنهنجي بنيادي قانون ۾ حمل ضايع ڪرڻ جي حق کي واضح تحفظ فراهم ڪيو آهي.
Next Post
You might also like