جاز پاران مفت ڪال جي سهولت جو اعلان

گوادر (ويب ڊيسڪ) گوادر ۾ برسات جي تباهين کي نظر ۾ رکندي ٽيلي ڪميونيڪيشن نيٽورڪ ”جاز“ (Jazz) وڏو قدم کڻندي مفت فون ڪالجي سهولت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
جاز ترجمان جو چوڻ هو ته نيٽورڪ تي آن نيٽ ۽ پي ٽي سي ايل ڪالز جي مفت فراهمي جاري آهي، جاز واهپيدار گھٽ بيلنس يا بنڊلز ختم ٿيڻ جي باوجود مفت ڪالز ڪري سگھن ٿا.
ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته متاثر علائقن ۾ جاز نيٽورڪ کي فعال رکڻ جي ڪوشش جاري آهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته مفت ڪالز سان گڏ جاز ٻين امدادي قدمن ۾ به حصو وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.