پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جو ناڪاري ڏينهن رهيو ۽ 100 انڊيڪس 225 پوائنٽون گهٽجي 65 هزار 726 پوائنٽن تي بند ٿيو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 634 پوائنٽن جي بينڊ ۾ رهيو ۽ ان دوران 100 انڊيڪس جي بلند ترين سطح 66 هزار 134 پوائنٽون رهي.
شيئرز بازار ۾ 39 ڪروڙ شيئرز جو ڪاروبار 16 ارب 59 ڪروڙ رپين ۾ طئي ٿيو، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائيزيشن 64 ارب رپيا گهٽجي 9 هزار 337 ارب رپيا رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.