آسٽريلوي آل رائونڊر ايليس پيري ڇڪي سان ڪار جو شيشو ٽوڙي ڇڏيو

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريلوي آل رائونڊر ايليس پيري جي ڇڪي ڪار جو شيشو ٽوڙي ڇڏيو.
وومين پريميئر ليگ جي ميچ دوران آسٽريلوي اسٽار آل رائونڊر ايليس پيري جي زوردار ڇڪي سان ڪار جو شيشو ٽوڙي ڇڏيو.
بئنگلورو جي چنا سوامي اسٽيڊيم ۾ ميزبان ٽيم رائل چئلينجر بئنگلور ( آر سي بي ) ۽ يوپي وارئيرز جي ميچ دوران ڪار نمائش لاءِ بيهاري وئي هئي، ميچ دوران آر سي بي جي ايليس پيري 19 هين اوور ۾ ديپتي شرما جي بال کي بائونڊري لائين پار پهچايو جيڪو ڪار جي ونڊو تي لڳو.
ان ميچ ۾ ايليس پيري 37 بالن تي 58 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ چار چوڪا ۽ چار ڇڪا شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.