جيڪڏهن اوهان انسٽاگرام ۾ دوستن سان ٽيڪسٽ ميسيجز تي ڳالهائڻ پسند ڪندا آهيو ته سٺي خبر اها آهي ته ڊائريڪٽ ميسيج لاءِ ميٽا 3 نوان فيچرز متعارف ڪرايا آهن.
انسٽاگرام ڊائريڪٽ ميسيج سيڪشن لاءِ 3 وڏين تبديلين جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ميسيج ايڊٽنگ، پن ميسيجز ۽ ريڊ رسيپٽس جهڙا فيچر هاڻي انسٽاگرام واهپيدارن کي دستياب هوندا.
ڪمپني موجب ڊائريڪٽ ميسيج ۾ موڪليل پيغام کي 15 منٽن جي اندر ايڊٽ ڪرڻ ممڪن هوندو.
اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪنهن ٽيڪسٽ ميسيج ۾ ٽائيپنگ جي ڪا غلطي ٿي وئي آهي ته اوهان ان کي درست ڪري سگھندا يا پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ لفظ به وڌائي سگھندا.
اهو فيچر واٽس جي فيچر جيان ئي ڪم ڪندو.
ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ موڪليل ميسيج کي دٻائي رکو ۽ پوءِ ڊراپ ڊائون مينيو ۾ لڪيل ايڊٽ بٽن تي ڪلڪ ڪريو.
ڪمپني موجب اهو فيچر واهپيدارن کي دستياب آهي.
اهڙيءَ طرح پن ميسيج فيچر جي ذريعي اوهان 3 چيٽس کي کولي پن ڪري سگھندا جيڪي ڊائريڪٽ ميسيج ان باڪس ۾ مٿي نظر اينديون.
ان لاءِ ڪنهن به چيٽ کي دٻائي رکو ۽ پوءِ پن آپشن جي چونڊ ڪريو.
اهو فيچر ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واهپيدارن کي دستياب هوندو.
ريڊ رسيپٽس کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڪجي ته ان لاءِ انسٽاگرام ۾ سيٽنگز اينڊ پرائيويسي ۾ وڃي ميسيجز اينڊ اسٽوري رپلائيز جي آپشن جي چونڊ ڪريو.
اتي شو ريڊ رسيپٽس تي ڪلڪ ڪري ان کي ٽرن آن يا آف ڪري ڇڏيو.