وفاق سان رابطو رکنداسين پر ووٽ چورن سان مفاهمت نه ڪنداسين: علي امين گنڊاپور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته صوبائي حڪومت طور وفاق سان رابطو رکنداسين پر ووٽ چورن سان مفاهمت نه ڪنداسين.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته پي ٽي آءِ باني چئي رهيو آهي ته رول آف لا ٿيڻ گهرجي، اسان نظريي موجب ڪم جاري رکنداسين، اهڙو نظام جوڙينداسين ته اڳتي ڪو مينڊيٽ چوري نه ڪري سگهي.
هن چيو چيف جسٽس کي درخواست آهي ته 9 مئي تي ڪميشن جوڙي، اسان جون عورتون ۽ ڪارڪن جيلن ۾ آهن، اسان جو مطالبو آهي ته 9 مئي تي فائدو کڻندڙن جو گهيرو ڪيو وڃي، اسان پاڪستان لاءِ ٻه حڪومتون ڇڏيون آهن ۽ پي ٽي آءِ باني اسان جي ٻارن جي جنگ وڙهي رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته مرڪز جي حڪومت مينڊيٽ چوري ڪيو آهي، اسان ووٽ چورن سان مفاهمت نه ڪنداسين، باقي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت طور رابطي ۾ رهنداسين، اسٽيبلشمينٽ به اسان جي آهي ادارا به اسان جا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.