نصيرآباد (ن ع آ) نصيرآباد ۾ پ ٽ الف طرفان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 3 استادن جي قتل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي استادن احمد علي واهوچو، عمران علي نوناري، عبدالوهاب بروهي ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ٽن استادن کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، نصيرآباد ۾ سائين هدايت الله لوهار کي قتل ڪيو ويو، استاد هدايت الله لوهار جي قاتلن کي هن مهل تائين نصيرآباد پوليس طرفان گرفتار ناهي ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته ڪشمور جي استاد مراد علي ڀنگوار کي بيگناهه قتل ڪيو ويو، گهوٽڪي ضلعي جي استاد سائين ظفر علي لاکو کي به بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي، سنڌ استادن لاءِ مقتل گاهه بڻجي وئي آهي، استادن کي تحفظ نٿو ملي، اسان پرامن آهيون پوءِ به استادن کي بيگناهه ماريو پيو وڃي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا، هنن آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٽنهي شهيد استادن جا قاتل گرفتار ڪري استادن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.