اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ حامي ميمبر چيف وهپ عامر ڊوگر جي وس ۾ نه رهيا، ماحول تمام گهڻو چارجڊ ٿي ويو، اسپيڪر اسيمبلي اجلاس دوران اپوزيشن جو آواز بند ڪري ڇڏيو، لابيز اندر به مائيڪ بند ڪري پي ٽي وي سميت ٻين نجي ٽي وي چئنلن تي اپوزيشن تقريرن جي لائيو ڪوريج بند ڪئي وئي،بلاول عمر ايوب جي تقرير پي ٽي وي تي روڪڻ جي مذمت ڪئي،هن محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي خلاف سڀ کان پهريون آواز اٿاريو،ان تي به پي ٽي آءِ ميمبرن ڊيسڪ وڄائي آجيان ڪئي،بلاول جي تقرير دوران جمشيد دستي بار بار جملي بازي ڪندو رهيو، هڪ موقعي تي بلاول ڪاوڙ مان سخت لفظ ڳالهايو ،هن تمام سٺي تقرير ڪئي پر آخر ۾ هن جي ڪري ئي ماحول خراب ڪري ڇڏيو،بلاول کي ڪاوڙ جلدي اچي وڃي ٿي،بلاول جي مفاهمت واري ڳالهه تي پي ٽي آءِ مشروط راضپو ظاهر ڪيو آهي،قومي ايجنڊا تي اڳڀرائي جو امڪان پيدا ٿي ويو
نوٽ:هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اڱارو 05 مارچ 2024 تي شايع ٿي