محمود اچڪزئي جي گهر ۽ آفيسن تي ڇاپا، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ احتجاج

اسلام آباد/ڪوئيٽا( م ڊ) صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي ڪوئيٽا واري گهر ۽ آفيسز تي ڇاپا هنيا، جنهن جي خلاف قومي اسيمبلي ۾ به احتجاج ڪيو ويو. صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي  ڪوئيٽا واري گهر ۽ آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا. محمود خان اچڪزئي جي پٽ اسل خان جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن. ان سلسلي ۾  پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي اڳواڻ رحيم زيارتوال جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبلي ۾ تقرير کانپوءِ محمود خان اچڪزئي جي گهر ۽ آفيسن تي ڇاپا هنيا ويا. پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي اڳواڻ ڳوڌيڪ چيو ته وزيراعظم ۽ بلوچستان جي وڏي وزير اقتدار سنڀالڻ شرط جمهوريت جو پهريون تحفو ڏنو آهي.  رحيم زيارتوال چيو ته پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي ڪارڪنن جا ڪاروبار به سيل ڪيا پيا وڃن، محمود خان اچڪزئي صدارتي اميدوار آهي، کيس صدر وارو پروٽوڪول ملڻ گهرجي. هوڏانهن محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي قومي اسيمبلي ميمبرز طرفان مذمت ڪئي وئي آهي، جاچ جو مطالبو ڪيو ويو پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو ته گذريل رات پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي سربراهه محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو فاشزم جي انتها آهي، مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته محمود خان اچڪزئي جي گهر جيڪا ڪارروائي ڪئي وئي اها افسوسناڪ آهي، ڪالهه واري منهنجي تقرير لائيو نه ڏيکاري وئي، هن چيو ته انسپيڪٽر جنرل ڊاڪٽر عثمان کي هٽايو وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران سني اتحاد ڪائونسل جي نامزد صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪئي وئي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي بلاول چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ بلوچستان جي وڏي وزير کي چوان ٿو ته هن معاملي تي ايڪشن وٺن. بلاول چيو ته محمود خان اچڪزئي صدارتي اميدوار آهي، اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو هڻي صدارتي چونڊن کي بنا جواز جي تڪراري بڻايو پيو وڃي. اسپيڪر بلاول کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنو ته بلاول چيو ته محمود خان اچڪزئي کي فلور ڏنو وڃي، محمود خان اچڪزئي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پي ٽي وي قومي اسيمبلي جي جاري لائيو ڪارروائي بند ڪري ڇڏي. اسپيڪر اياز صادق محمود خان اچڪزئي کي چيو ته توهان سينيئر سياستدان آهيو، ذاتيات تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جيڪڏهن ذاتيات تي ڳالهايو ويو ته پوءِ ڳالهه گهڻي پري هلي ويندي. ان بعد ايوان ۾ ڳالهائيندي اختر مينگل محمود اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته مون کي اميد هئي ته وزيراعظم تقرير دوران صحافين اسد علي طور ۽ عمران رياض کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪندو، صحافي اسان کي صحيح رستو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.هن چيو ته وزيراعظم کي درخواست ڪندس ته سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي. جنهن بعد قومي اسيمبلي جو اجلاس 8 مارچ جي شام 5 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.