اسلام آباد( م ڊ) استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) ۽ مسلم ليگ ق حڪمران اتحاد جي اميدوار آصف علي زرداري کي ووٽ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ان حوالي سان عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته ملڪ کي جن چيلينجز کي منهن ڏيڻو آهي، اهو ڪو هڪ ماڻهو يا پارٽي منهن ڏئي نه ٿي سگهي،هن چيو آصف زرداري جي صدر ٿيڻ سان ملڪ ۾ مفاهمتي پاليسي کي هٿي ملندي، ٻئي طرف پيپلز پارٽي جي وفد چيو ته پيپلز پارٽي اتحادين سان گڏجي پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍندي. واضح رهي ته صدارتي چونڊ 9 مارچ تي ٿيندي، جنهن لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. صدر جي چونڊ لاءِ حڪمران اتحاد جو اميدوار آصف علي زرداري آهي، جڏهن ته مخالف ڌر جو محمود خان اچڪزئي اميدوار آهي.
-
اچڪزئي سرڪاري زمين تي قبضو ڪيو آهي: ڊي سي ڪوئيٽا
ڪوئيٽا( م ڊ) ڪوئيٽا جي ڊپٽي ڪمشنر سعد بن اسد چيو آهي ته محمود خان اچڪزئي اڍائي ڪنال سرڪاري زمين تي قبضو ڪري چار ديوارون ٺاهي ڇڏيون، ضلعي انتظاميا گذريل رات ڪوئيٽا جي ڪواري روڊ تي ڪارروائي ڪري قبضو ختم ڪرايو.ڊپٽي ڪمشنر ڪوئيٽا موجب صدارتي اميدوار محمود خان اچڪزئي جي رهائشگاهه ڀرسان خالي پلاٽ وڪرو ڪيو ويو.آپريشن دوران حڪومت ۾ مداخلت ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر تي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي هڪ شخص کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.
-
قومي اسيمبلي ۾ ڪورم جي نشاندهي، ڳڻپ کان اڳ ئي اجلاس ملتوي
اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اپوزيشن ۽ حڪومتي ميمبرن جي تقريرن دوران ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر ڳڻپ کان اڳ ئي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، قومي اسيمبلي جو اجلاس اياز صادق جي سربراهي ۾ شروع ٿيو، جنهن جي سربراهي ان کان پوءِ ڊپٽي اسپيڪر ڪئي، قومي اسيمبلي ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، خالد مقبول صديقي، اختر مينگل، اسد قيصر ۽ بئريسٽر گوهر تقريريون ڪيون، بلاول ڀٽو ۽ خالد مقبول صديقي جي تقريرن وقت سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن سخت گوڙ ڪيو ۽ ان دوران ڊپٽي اسپيڪر لاڳيتو ميمبرن کي خاموش رهڻ لاءِ چوندو رهيو
-
اعجاز الحق پاران صدارتي چونڊ ۾ ڪنهن به اميدوار کي نه ووٽ ڏيڻ جو فيصلو
اسلام آباد (م ڊ) مسلم ليگ ضياء جي سربراهه ۽ نئين چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر محمد اعجاز الحق صدارتي چونڊ ۾ پنهنجو ووٽ ڪنهن به اميدوار کي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان حوالي سان هن چيوته مان سڄي ڄمار ملڪ ۾ ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ۽ پيپلزپارٽي جي خلاف نظرياتي اختلاف جي اصولي موقف تي قائم رهندي فيصلو ڪيو ته صدارتي چونڊ ۾ آصف علي زرداري کي ووٽ نٿو ڏئي سگهان، شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته ميان شهباز شريف سان پراڻا لاڳاپا آهن،
-
مخصوص سيٽن تائين صدارتي ۽ سينيٽ چونڊ نٿي ٿي سگهي: علي ظفر
اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر ۽ قانوني ماهر علي ظفر اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي آئين خلاف قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن جي سمورن ميمبرن جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.سينيٽ ۾ ڳالهائيندي بئريسٽر علي ظفر چيو ته هو سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون نه ڏيڻ واري فيصلي کي رد ڪري ٿو، آئين موجب سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون ملڻ گهرجن.هن چيو ته مخصوص سيٽن جو فيصلو ٿيڻ تائين صدارتي ۽ سينيٽ جون چونڊون نه ٿيون ٿي سگهن، جڏهن ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سموري اليڪشن ڪميشن فوري طور استعيفيٰ ڏئي.