اسلام آباد(م ڊ) سُني اتحاد ڪائونسل طرفان ملڪ جي صدر جي عهدي لاءِ نامزد ڪيل محمود خان اچڪزئي جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.جماعت اسلامي جي ترجمان قيصر شريف چيو آهي ته جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ محمود خان اچڪزئي جي گهر تي پوليس ڇاپي جي مذمت ڪئي آهي.قيصر شريف چيو ته محمود خان اچڪزئي صدر جي چونڊ ۾ جماعت اسلامي کان حمايت جي درخواست ڪئي، جنهن تي جماعت اسلامي مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪندي.