اسلام آباد( م ڊ) تحريڪ انصاف جي ترجمان چيو آهي ته محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپو آئين جي بالادستي جي جواب جو ردعمل آهي، پوليس جو ڇاپو چونڊ ڌانڌلي جون حقيقتون بيان ڪرڻ جو جواب آهي، آئين قومي اسيمبلي جي فلور تي تقريرن کي آئيني تحفظ ملي ٿو. پي ٽي آءِ مطابق چونڊيل نمائندن کي انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻائڻ پارليامان جي توهين آهي، پي ٽي آءِ ترجمان مطالبو ڪيو آهي ته محمود خان اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي جو فوري نوٽيس ورتو وڃي ۽ ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، پي ٽي آءِ جي ترجمان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، محمود اچڪزئي جي گهر تي ڇاپي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.