سڪندر رضا پاڻ کي لاهور قلندرز جي لاڳيتي شڪستن جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) لاهور قلندرز جي آل رائونڊرز سڪندر رضا چيو آهي ته هو پاڻ کي لاهور قلندرز جي ڪارڪردگي جو ذميوار قرار ڏئي ٿو، هن جي ڪري ڪجهه ميچن ۾ فنش نه ڪري سگهياسين.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڪندر رضا جو چوڻ هو ته لاهور قلندرز کي باقي بچيل ميچون کٽڻيون پونديون، ڪرڪيٽ دلچسپ راند آهي، ڪا ڄاڻ ناهي صورتحال بدلجي به سگهي ٿي.
آل رائونڊر چيو ته اعتماد جي کوٽ ناهي، ٻه ڀيرا لاهور قلندرز چيمپيئن رهي آهي، ٽيون ڀيرو چيمپيئن بڻجڻ لاءِ وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي.
سڪندر رضا چيو ته ڪپتان کي موقعو ڏيندو آهي، ڪارڪردگي بيٽر يا بالر کي ڏيکارڻي پوندي آهي.
سندس چوڻ هو ته شاهين آفريدي ڊريسنگ روم ۾ رانديگرن کي سٺو ماحول ڏنو، جڏهن ٽيم کٽيندي آهي ته ڪپتاني سٺي لڳندي آهي، مشڪل وقت ۾ اصل ڪپتان جو پتو پوندو آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ڪپتان جيڪو فيصلو ڪندو آهي ته اسان سندس حمايت ڪندا آهيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.