لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ عورت مارچ روڪرائڻ لاءِ داخل درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي.
عدالت درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو جسٽس شاهد ڪريم ٻڌايو.
شهري اعظم بٽ درخواست ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاهور سميت ٻين کي ڌر بڻايو هوي.
درخواستگذار جو چوڻ هو ته عورت مارچ جا ڪارڊ ۽ بئنر اسلامي معاشري ۾ قبول ناهن.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ عورت مارچ روڪڻ جو حڪم ڏئي.
Next Post
You might also like