سرڪاري ملازمتن تي پابندي، سنڌ هاءِ ڪورٽ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ گريڊ هڪ کان 15 تائين ملازمتن تي پابندي برقرار رکي آهي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سرڪاري کاتن ۾ ملازمتن تي پابندي لاءِ ايم ڪيو ايم جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ بئريسٽر فروغ نسيم عدالت ۾ پيش ٿيو.
عدالت سرڪاري کاتن ۾ ملازمتن تي لاڳو پابندي تي منع نامي ۾ واڌ ڪندي گريڊ هڪ کان 15 تائين ملازمتن تي پابندي برقرار رکي.
عدالت درخواست جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.