ايپل طرفان نئين ۽ سستي ترين آءِ فون ايس اي جي تياري تي ڪم هلندڙ آهي، ان کان اڳ رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته آءِ فون ايس اي 4 ڊسپلي لاءِ او ايل ايِ ڊي پئنل استعمال ڪيو ويندو.
هاڻي هڪ نئين ليڪ ۾ فون جو ڊيزائن سامهون آيو آهي.
رپورٽ ۾ فون جي ڪمپيوٽر ايڊڊ ڊيزائن ( سي اي ڊي ) جا خاڪا جاري ڪيا ويا آهن جنهن مان اشارو ملي ٿو ته نئين فون جو فرنٽ آءِ فون 14 سان ملندڙ جلندڙ آهي، پر فون جي بيڪ تي ٻن بدران رڳو هڪ ڪئمرا هوندي.
فلحال اِهو واضح ناهي ته فون جي بيڪ تي 2022ع واري آءِ فون ايس اي 3 جيان 12 پڪسل ڪئمرا هوندي يا هن دفعي وڌيڪ طاقتور ڪئمرا ڊيوائس جو حصو بڻائي ويندي.
ايپل طرفان نئين آءِ فون ايس اي جي تياري بابت اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيوويو انڪري اِهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته ڊيزائن ڪيتري حد تائين صحيح آهي.
مختلف رپورٽس موجب، آءِ فون ايس اي 4 کي 2025 ۾ متعارف ڪرائڻ جو امڪان آهي.
ياد رهي ته هن وقت آءِ فون ايس اي (2022ع ) هن ڪمپني جو سستو ترين فون آهي جيڪو 429 ڊالرز ( هڪ لک اڻويهه هزار پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ ) ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
You might also like