ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڳائڻي ريانا طرفان هارين جي حمايت ۾ بيان کانپوءِ ڀارت ۾ ان ڳالهه جو پتو لڳايو پيو وڃي ته ڪٿي آمريڪي ڳائڻي ريانا مسلمان ته ناهي.
پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ هاري ڀارتي رياست نئين دهلي ۾ موجود هئا جتي انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي.
انٽرنيٽ بند ڪرڻ تي آمريڪي ڳائني ريانا سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي پوسٽ ۾ سوال اٿاريو ته اسان ڇو ان معاملي تي چپ آهيون ۽ آواز نٿا اٿاريون؟
10 ڪروڙ 10 لک فالوورز رکندڙ ريانا جي پوسٽ وارئل ٿي وئي جيڪا ڀارتين کي ٺپ نه وڻي، هنن مٿس تنقيد ڪئي جڏهن ته هارين سندس حمايت ڪئي.
ريانا کي ڀارتي انتهاپسندن پاڪستاني ايجنٽ قرار ڏئي ڇڏيو.
رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گوگل تي وڏي پئماني تي ڀارتي ريانا بابت اهو سرچ ڪري رهيا آهن ته ڇا هو مسلمان آهي ۽ ڇا سندس واسطو پاڪستان سان آهي؟
اها ڳالهه گوگل ٽرينڊز ۾ به سامهون آئي ته ڀارت ۾ ڇا ڇا سرچ ٿي رهيو آهي.
اصل ۾ ريانا جو واسطو ڪيريبيئن رياست بارباڊوس سان آهي ۽ هو آمريڪا جي رهواسڻ ۽ عيسائي گهراڻي جي ڳائڻي آهي.