جعلي مينڊيٽ تي آيل حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين: بئريسٽر گوهر

اسلام آباد( م ڊ) شهباز شريف جي وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جعلي مينڊيٽ  تي آيل حڪومت کي هلڻ نه ڏينداسين، کيس ڀڄائي ڇڏينداسين، قومي اسيمبلي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ آهي، پر اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون،هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ امتيازي سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته اسان کي اپوزيشن جي حيثيت سان لائيو ڪوريج نه ڏني پئي وڃي، اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ اسان کي لائيو ڏيکاريو وڃي. ٻي صورت ۾ اجلاس جو بائيڪاٽ ڪنداسين.هن چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو احترام ڪيون ٿا پر انهن کي به اسان جو احترام ڪرڻ گهرجي. بئريسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته فارم 47 ٺاهڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي، ان موقعي تي وزير اعظم شهباز شريف خلاف اليڪشن وڙهندڙ عمر ايوب چيو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ عمران خان چونڊيندو.هن چيو ته مسلم ليگ ن جا چهرا ظاهر ٿي رهيا آهن ته هي چور آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.