ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ بنارس پل تي پير آباد پوليس وچ ۾ مقابلو شڪي بڻجي ويو, بنارس پل تي جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ ۾ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل نوجوان اظهر جي ماءُ پوليس مقابلي کي ڪوڙو قرار ڏيندي چيو ته سندس پٽ جو ڪو به ڪرمنل رڪارڊ ناهي، مان اورنگي ٽائون ۾ پنهنجي گهر واپس وڃي رهي هئي. رات جو پوليس فائرنگ ڪري منهنجي پٽ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، اظهر کي مٿي ۽ جسم جي مختلف حصن ۾ 4 گوليون لڳيون، مقابلي کانپوءِ گرفتار ٿيل جوابدار به اظهر جي سڃاڻپ ناهي ڪئي. اظهر جناح اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ ۾ آهي. پٽ اظهر کي ٻه ننڍڙا ٻار آهن ۽ هو گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي. زخمي نوجوان جي چاچي چيو ته زخمي نوجوان چور ناهي، هو يتيم آهي، سڄو ڏينهن ڪم ڪري گهر هلائيندو آهي، چور کي ڪيئن ماريندو، اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، اظهر چور ناهي. ٻئي طرف پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي ٿيل جوابدار اظهر ۽ سندس 2 ساٿي شهري سان زيادتي ڪري رهيا هئا، ٽيئي جوابدار هڪ ئي موٽرسائيڪل تي سوار هئا، جڏهن پوليس پهتي ته جوابدارن فائرنگ ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ جوابدار اظهر ۽ آريان گرفتار ٿي ويا، جڏهن ته ٽيون جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو. زخمي اظهار وٽان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا.