ڪراچي ۾ استاد جو شاگردياڻي تي تيزاب حملو، زخمي، جوابدار گرفتار

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ استاد طرفان مبينا طور شاگردياڻي تي تيزاب اڇلائڻ وارو واقعو پيش آيو، نيپا چورنگي وٽ استاد طرفان مبينا طور شاگردياڻي تي تيزاب اڇلائڻ وارو واقعو پيش آيو، ان سلسلي ۾  پوليس جو چوڻ آهي ته آءِ ٽي سينٽر جي استاد افتخار جهيڙي بعد مبينا طور شاگردياڻي عليشا تي تيزاب اڇلايو، تيزاب سبب شاگردياڻي عليشا ۽ سندس ماما نعمان ۽ فيضان به زخمي ٿي پيا، پوليس موجب جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي،

شاگردياڻي جي مامي نعمان جي فرياد تي عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي متن ۾ فريادي جو چوڻ آهي ته منهنجي ڀاڻيجي سينٽر مان سرٽيفڪيٽ وٺڻ وئي هئي، استاد بدتميزي ڪئي، سينٽر ۾ افتخار مڇرجي پيو ۽ تيزاب اسان تي اڇلايو، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.