نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ سڀ کان وڏي مخالف ڌر جماعت جي سربراهه راهل گانڌي ملڪ ۾ وڌندڙ بيروزگاري جو ذميوار مودي سرڪاري کي قرار ڏئي ڇڏيو.
ڪانگريس ۽ هم خيال جماعتن تحت ڀارت جوڙو نياءِ ياترا جي سلسلي ۾ رياست مڌيا پرديش جي شهر گواليار ۾ عوام کي خطاب ڪندي راهل گانڌي چيو ته پاڪستان ۾ بيروزگاري جي شرح 12 جڏهن ته ڀارت ۾ 23 سيڪڙو آهي.
هن چيو ته بنگلاديش ۽ ڀوٽان ۾ به ڀارت کان گھٽ بيروزگاري آهي. مودي سرڪاري جي پاليسين غريبن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي.
مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته نوٽ تبديل ڪرڻ ۽ جي ايس ٽي جي شرح وڌائڻ سان ننڍا ۽ گھريلو ڪاروبار بند ٿي ويا.
واضح رهي ته ڀارت هن وقت بيروزگاري جو تناسب 40 ورهين جي بلند ترين سطح تي آهي.
Prev Post
You might also like