چاٻي ڪن ۾ نه وجهو: ڪنن کي ڪيئن صاف رکي سگهجي ٿو؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ هر سال 3 مارچ تي ورلڊ هيئرنگ ڊي ملهايو ويندو آهي.

هن ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهن (ٻوڙن) جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.

ڪن اسان جي جسم جي اهم عضون مان آهن جن جي حفاظت ڪرڻ ضروري هوندي آهي.

جڏهن اسان پنهنجا ڪن صحيح نموني سان صاف ناهيون ڪندا ته ان سان غيرضروري تڪليفون ٿينديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنن جو ڪچرو پاڻ ئي نڪري ايندو آهي ۽ ان لاءِ ڪپهه وارين تيلين (ڪاٽن ايئر بڊز) يا ٻي ڪنهن شئي سان ڪنن جي صفائي نه ڪرڻ گهرجي.

ڪنن جو پردو نازڪ هوندو آهي ۽ ڪن جي نالي ۾ جيڪڏهن ڪا شئي وڌي وڃي ته ان سان ڪن کي نقصان پهچي سگهي ٿو.

وهنجڻ وقت پنهنجي ڪنن ۾ پاڻي نه وڃڻ ڏيو، ڪنن ۾ پاڻي وڃڻ جي ڪري بيڪٽيريا ۽ انفيڪشن ٿيندو آهي. وهنجڻ دوران ڪنن تي ڪا رنڊڪ ڏئي سگهجي ٿو يا مٿو اهڙي پاسي رکجي جيئن پاڻي ڪنن ۾ نه پوي.

جيڪڏهن اوهان کي ڪنن ۾ ڪنهن به قسم جي تڪليف مثال طور ٻڌڻ ۾ ڏکيائي، سور، ڳورو لڳڻ محسوس ٿئي ٿو ته ماهر اي اينڊ ٽي ڊاڪٽر جي مدد حاصل ڪريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

جيڪڏهن اوهان ڪنن جي صفائي ڪرڻ چاهيو ٿا ته پاڻ صفائي ڪرڻ بدران اي اينڊ ٽي اسپيشلسٽ سان اثرائتي نموني صفائي ڪرايو، سڀ کان بهتر اهو آهي ته ڊاڪٽر اوهان جا ڪن صاف ڪري.

ڪنن لاءِ ايئر فونز (هيڊ فون، هينڊز فري، ايئر بڊز) جو استعمال ڪنن جي نالي ۾ ڪچري کي اندر ڌڪي ڇڏيندو آهي جنهن سان انفيڪشن جا امڪان وڌي ويندا آهن ۽ اوهان ٻوڙا ٿي سگهو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.