سائنسدانن کنڀي مان سون ڪڍڻ جو طريقو ڳولي ورتو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سائنسدانن کنڀي (مشروم) مان سون ڪڍڻ جو طرقو ڳولي ورتو.
ڀارتي رياست گوا سان واسطو رکندڙ مارهن کنڀي جي هڪ جنگلي نسل ۾ سون جي نينو پارٽيڪلز جو پتو لڳايو آهي.
محققن سون جي انهن نينو پارلٽيڪلز لاءِ ٽرميٽومائسيس نسل جي کنڀي جو مطالعو ڪيو، جن کي ”روين اولمي“ به چيو ويندو آهي.
سائنسدانن سون جي نينو پارٽيڪلز جي تياري لاءِ ڄاڻايل کنڀي جي ڄاڻايل قسم جي ڪامياب پوک ڪئي.
تحقيق ڪندڙ ڊاڪٽر سجاتا دابولڪر ۽ ڊاڪٽر نند ڪمار ڪامت پنهنجا نتيجا گوا جي ماحولياتي وزير ۽ گوا اسٽيٽ بائيو ڊائيورسٽي بورڊ (جي ايس بي بي) جي چيئرمين ايليڪسو کي پيش ڪيا.
هنن گوا حڪومت لاءِ هڪ ڊرافت ميپ به پيش ڪيو، جنهن ۾ گوا لاءِ ان اڳڀرائي جي وسيع اقتصادي ۽ جيو صنعتي اثرن کي اجاگر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر ڪامت، جيڪو ٽن ڏهاڪن کان کنڀي جي ان قسم جو مطالعو ڪري رهيو آهي، ان ڳالهه تي زور ڏئي ٿو ته گوا ۾ جنگلي کاڄرو Termitomyces کنڀي جو سڀ کان وڏو جين پول آهي.
سون جا نينو پارٽيڪلز منڊين ۾ نمايان صلاحيت رکن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.