شاهه رخ خان وڏو اعزاز ماڻي ورتو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان گذريل سال ڀارتي فلم انڊسٽري کي 3 بلاڪ باسٽر فلمون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو اعزاز ماڻي ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان ڀارت جي 100 طاقتور ترين شخصيتن جي فهرست ۾ شامل ٿي ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شاهه رخ خان ڀارت جي 100 طاقتور ترين شخصيتن جي فهرست ۾ 27هين نمبر تي موجود آهي.
واضح رهي ته شاهه رخ خان گذريل سال ”پٺاڻ، جوان ۽ ڊنڪي“ جهڙيون بلاڪ باسٽر فلمون ڏنيون ۽ انهن مجموعي طور تي 2500 ڪروڙ ڀارتي رپين جو بزنس ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.