مردان (ويب ڊيسڪ) مردان جي ايجوڪيشن بورڊ اسپورٽس ڪامپليڪس ۾ جوڊو مقابلي دوران ڌڪ لڳڻ سبب شاگردياڻي فوت ٿي وئي.
ريسڪيو اختيارين موجب جوڊو مقابلي دوران مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب شاگردياڻي جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کانپوءِ کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال نيو ويو.
ڊاڪٽرن شاگردياڻي جي موت جي تصديق ڪئي، سندس نالو فضا آهي ۽ شاگردياڻي جو واسطو فيصل ڪالوني پشاور سان آهي.
You might also like