”مون کي پنهنجي معاشري تي شرم ٿو اچي“ پرڏيهي عورت سياح سان لڄالٽ تي ريچا چڍا ڪاوڙجي پئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پرڏيهي عورت سياح سان اجتماعي لڄالٽ جي واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اداڪارا ريچا چڍا چيو آهي ته مون کي اسان جي پراڻي سوچ واري معاشري تي شرم ٿو اچي.
ريچا چڍا سوشل ميڊيا تي پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ڀارتي پنهنجي ملڪ ۾ پرڏيهين سان اهڙو ورتاءُ ڪري رهيا آهن، جهڙو هو پنهنجي عورتن سان ڪندا آهن، انهن تي تشدد ڪندا آهن ۽ کين جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندا آهن.
هن چيو ته اها ڏاڍي شرمناڪ ڳالهه آهي، هڪ پرڏيهي سياح عورت سان 7 ڄڻن اجتماعي لڄالٽ ڪئي، اها هڪ پراڻي معاشري جي نشاني آهي.
واضح رهي ته پنهنجي مڙس سان گڏ موٽر بائيڪ تي ڀارت گهمڻ ويل اسپين جي عورت سان جهار کنڊ رياست ۾ اجتماعي لڄالٽ جو واقعو پيش آيو آهي.
جهار کنڊ جي ضلعي ڊمڪا ۾ اهو پرڏيهي جوڙو رات ڪئمپ ۾ گذارڻ لاءِ ترسيو هو ۽ اتي جمعي جي رات جوابدارن عورت کي هوس جو نشانو بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.