اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته وزيراعظم جي چونڊ غير قانوني آهي، شهباز شريف فارم 47 جي پيداوار آهي.
قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي عمر ايوب چيو ته اسان شهباز شريف جي نامزدگي ڪاغذن تي اعتراض ڪيو هو پر رد ڪيو ويو، شهباز شريف فارم 47 جي پيداوار آهي، فارم 45 جا ايم اين اي اچن ها ته اڄ اسان جو انگ 180 هجي ها.
هن چيو ته حڪمران اتحاد جا مُنهن لٿل آهن، توهان کي انهن جي چهرن مان خوف نظر ايندو، انهن کي چوري ٿيل مينڊيٽ مليو آهي، انهن جا مُنهن ڏسي لڳي ٿو ته تڏي تي آيا آهن، هيءَ حڪومت پي ڊي ايم جي حڪومت جو تسلسل آهي.
سندس چوڻ هو ته منهنجي قائد عمران خان کي سياسي قيدي طور گرفتار ڪيو ويو آهي، 9 مئي تي اسان جي معصوم ماڻهن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، مطالبو ٿا ڪيون ته 9 مئي واقعن جي اڻ ڌري عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ سڀني قيدين کي آزاد ڪيو وڃي.
You might also like