وزيراعظم جا نوجوانن، ٽيڪس ريفڊنز، سي پيڪ، نيشنل ايڪشن پلان بابت اهم اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين تقرير ۾ نوجوانن، ٽيڪس ريفنڊز، سي پيڪ، نيشنل ايڪشن پلان بابت اهم اعلان ڪيا، هن هارين ۽ ايڪسپورٽ بابت پاليسي به ٻڌائي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پهرين تقرير ۾ چيو ته شاگردن کي ٻاهرين ملڪ يونيورسٽين ۾ وظيفا ڏينداسين، 5 لک نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏينداسين ۽ آءِ ٽي برآمدون وڌائينداسين.
هن اعلان ڪيو جيل ۾ قيد عورتن ۽ ٻارن کي فني تربيت ڏينداسين ۽ انهن جي سزا ختم ڪنداسين، سولر ٽيوب ويل پروگرام جاري ڪنداسين، ايس آءِ ايف سي تحت زراعت ۾ ترقي آڻينداسين، ڀاڻ تي سبسڊي فيڪٽرين بدران هارين کي ڏني ويندي.
سندس چوڻ هو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪنداسين، بهترين سفري سهولتون فراهم ڪنداسين، سستي انصاف لاءِ قانون سازي ڪنداسين، سي پيڪ کي اڳتي وڌائينداسين ۽ سڄي ملڪ ۾ ايڪسپورٽ زون جو ڄار وڇايو ويندو.
وزيراعظم چيو ته چئني صوبن ۾ اسپتالون ٺاهينداسين، عورتن ۽ اقليتن جو تحفظ يقيني بڻائينداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.