ملڪ ۾ سوشل ميڊيا جا سڀ پليٽ فارم بند ڪيا وڃن: پ پ سينيٽر جو ٺهراءُ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ جمع ڪرايل هڪ ٺهراءُ ۾ سوشل ميڊيا جا سڀ پليٽ فارمز بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

پيپلزپارٽي جي سينيٽر بهرا مند خان تنگي سينيٽ سيڪريٽريٽ ۾ ٺهراءُ جمع ڪرايو جنهن ۾ چيو ويو ته سوشل ميڊيا جي استعمال جا نوجوانن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن.

ٺهراءَ موجب اهي پليٽ فارم اسان جي مذهب، ثقافت ۽ روايتن خلاف شين جي پکيڙي لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن، معاشري ۾ ٻولي ۽ مذهب جي بنياد تي ماڻهن ۾ نفرت پيدا ڪئي پئي وڃي.

ان ڳالهه جا به خدشا آهن ته اهي ملڪي مفاد خلاف وڃي رهيا آهن جنهن ۾ ناڪاري ۽ ڪڌي پروپيگينڊا سان پاڪ فوج کي نشانو بڻايو ويندو آهي.

ٺهراءَ ۾ تجويز ڏني وئي ته فيس بڪ، ٽڪ ٽاڪ، انسٽاگرام، ٽويٽر (ايڪس) ۽ يوٽيوب تي پابندي هنئي وڃي ته جيئن نوجوان نسل کي تباهي کان بچائي سگهجي.

ياد رهي ته گذريل مهيني ٽويٽر جي بندش جون شڪايتون شروع ٿيون هيون ۽ هن وقت به ٽويٽر تائين رسائي ۾ واهپيدارن کي ڏکيائي پيش اچي ٿي.

اهو ٺهراءُ جمع ڪرائيندڙ بهره مند تنگي پ پ جي سيٽ تي سينيٽر چونڊيو هو پر سندس سينيٽر شپ ان وقت ڏچي ۾ پئي جڏهن پ پ سينيٽ ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ جي ٺهراءَ تي خاموشي اختيار ڪرڻ تي سينيٽر بهره مند تنگي کي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو.

هلندڙ سال 5 جنوري تي سينيٽ ملڪ ۾ 8 فيبروري تي عام چونڊون ملتوي ڪرڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.