ڪرڪ ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي ڪرڪ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي آپريشن ڪيو، ان دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، گولا، بارود ۽ ٻيو ڌماڪيدار مواد به هٿ آيو، اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت معصوم شهرين خلاف ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.