ڊائو يونيورسٽي ۽ ڪريم جي شاگردن جي سفري سهولت لاءِ ڀائيواري

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۽ ڪريم (آن لائن ڪيب سروس) يونيورسٽي جي شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي بهتر خدمتن لاءِ هٿ ملائي ورتو آهي.

ملڪ جي اهم طبي يونيورسٽي ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز ۽ ڪريم وچ ۾ مفاهمتي يادداشت تي صحيحن واري تقريب وي سي بورڊ روم اوجها ڪيمپس ۾ ٿي.

ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريشي، رجسٽرار اشعر آفاق، ڊائريڪٽر مارڪيٽنگ طارق شاهد، مئنيجر مارڪيٽنگ عمير ظفر حسين مرزا ۽ پبلڪ ريليشن هيڊ نعيم طاهر ۽ ڪريم طرفان ثنا شڪيل هيڊ آف پارٽنر شپس، نذير وايراڻي هيڊ آف ڪميونيڪيشنز ۽ آمنا رضوي مئنيجر پارٽنرشپس به شرڪت ڪئي.

ڊائو يونيورسٽي طرفان رجسٽرار اشعر آفاق جڏهن ته ڪريم جي نمائندگي پارٽنرشپ هيڊ ثنا شڪيل مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون.

معاهدي موجب ڊائو يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پرومو ڪوڊ ذريعي 25 سيڪڙو (وڌ ۾ وڌ سئو رپيا) جي رعايت مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 رائيڊز تي ڏني ويندي جڏهن ته ڪريم ڊائو يونيورسٽي جي پوائنٽ بسز کي آرامده ۽ جديد سهولتن سان ليس ڪري شاگردن جي سفر کي بهتر بڻائيندي.

ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر محمد سعيد قريسي مفاهمتي معاهدي جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ڊائو يونيورسٽي جي ڪوشش آهي ته شاگردن کي بهترين تعليم سان گڏوگڏ ٻيون سهولتون به سولائي سان فراهم ڪيون وڃن، ڪريم سان معاهدو ان ئي سلسلي جي ڪڙي آهي.

ڪريم پاڪستان جي جنرل مئنيجر رائيڊز عمران سليم ان ڀائيواري کي شاگردن جي سفري سهولتن ۾ واڌ ڏانهن هڪ اهم قدم قرار ڏنو ۽ چيو ته اسان جو مقصد شاگردن جي عام زندگي ۾ پيش ايندڙ ڏکيائين کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ آهي جنهن ۾ اسان ڪامياب ٿي وينداسين.

ڌرين زور ڏنو ته هي معاهدو هڪ وڏي ڀائيواري جي شروعات آهي جنهن ۾ اڳتي وڃي ڊائو يونيورسٽي جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڌيڪ سفري سهولتون ۽ ڪريم جي ڪيپٽن کي صحت جون سهولتون ملي سگهنديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.