دنيا ۾ ٿُلهن ماڻهن جي انگ ۾ ڳڻتي جوڳي واڌ

سڄي دنيا ۾ ٿُلهن ماڻهن جو انگ 1 ارب کان کان وڌي ويو آهي ۽ اها وبا وڏن توڙي ٻارن ٻنهي ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي.
اها ڳالهه صحت جي عالمي اداري تحت ٿيل تحقيق مان سامهون آئي آهي.
تحقيق ۾ 190 ملڪن سان واسطو رکندڙ لڳ ڀڳ 22 ڪروڙ ماڻهن جي وزن ۽ ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو.
تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته 1990ع کان 2022ع دوران بالغ ماڻهن ۾ ٿولهه جي شرح ۾ ٻيڻو جڏهن ته 5 کان 19 ورهين جي عمر جي ٻارن ۽ نوجوانن ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
تحقيق موجب سڄي دنيا ۾ 87 ڪروڙ 90 لک بالغ ماڻهن جڏهن ته 15 ڪروڙ 90 لک ٻار يا نوجوان ٿولهه سان زندگي گھاري رهيا آهن.
محققن چيو ته ٻارن ۾ ٿولهه جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي ۽ ائين ان وقت ڏسڻ ۾ پيو اچي جڏهن ته ڪروڙين ماڻهن کي مناسب مقدار ۾ خوراڪ نٿي ملي.
وچ اوڀر، اتر آفريقا ۽ ڪيريبيئن ٻيٽ اهڙا خطا آهن جتي ٿولهه جي شرح سڀ کان وڌيڪ آهي.
واضح رهي ته طبي سائنس ۾ ٿولهه کي لاعلاج سمجهيو ويندو آهي جنهن جو علاج ممڪن آهي.
ٿولهه سان جيري تي چرٻي چڙهڻ جو مرض، سنڌ جا مرض، هاءِ ڪولسٽرول، شگر ٽائيپ 2، هاءِ بلڊ پريشر، دل جا مرض، بُڪين جا مرض، کونگھرا، ڪينسر ۽ ٻين بيمارينجو خطرو وڌي ويندو آهي.
ان تحقيق جا نتيجا دي لانسيٽ ميڊيڪل جرنل ۾ ڇپيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.