ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقبول پاڪستاني اداڪارا ڪنزا هاشمي چيو آهي ته 16 سالن جي ننڍي عمر ۾ ئي کيس پهريون ڀيرو ڪم ڪرڻ تي معاوضو 5 لک رپيا مليو هو.
اداڪارا نجي ٽي وي جي هڪ پروگرام ۾ شريڪ ٿي جتي کانئس پهرئين ڊرامي جو معاوضو پڇيو ويو.
جواب ۾ ڪمزا هاشمي چيو ته مون کي پهريون معاوضو 10 سال اڳ مليو هو جيڪو 5 لک رپين جو هو، ان وقت منهنجي لاءِ 5 لک رپيا وڌيڪ هئا.
اداڪارا چيو ته ان وقت منهنجي عمر رڳو 16 سال هئي، معاوضي جو ٻڌي حيران ٿي وئي هيس پر پوءِ خبر پئي ته 5 لک رپيا معاوضو ڪا وڏي ڳالهه ناهي هوندي.