سمارٽ فون ٺاهيندڙ چيني ڪمپني ٽيڪنو هلندڙ سال جو بهترين ڪيمرا وارو فون پووا 6 فون متعارف ڪرائي ڇڏيو.
ٽيڪنو پووا 6 کي 78-6 انچن جي اسڪرين جڏهن ته طاقتور ترين بيٽري ۽ فاسٽ ترين چارجر سان گڏ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فون کي 6 هزار ايم اي ايڇ بيٽري ۽ 70 واٽ فاسٽ چارجر کانسواءِ فنگر پرنٽ سينسر ۽ ٻين سيڪيورٽي فيچرز سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.
ٽيڪنو پووا 6 جي بيڪ تي 2 جڏهن ته فرنٽ تي هڪ سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي، فون جي بيڪ تي مين ڪيمرا 108 ميگا پڪسل جڏهن ته ٻي رڳو 2 ميگا پڪسل جي ڏني وئي آهي.
فون جي فرنٽ تي 32 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا ڏني وئي آهي، ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون جي ڪيمرا ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ بهتر ڪيو ويو آهي.
فون کي 8 ۽ 12 جي بي ريم جڏهن ته 256 جي بي ميموري جي ماڊلز ۽ مختلف رنگن ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
فون جي 8 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت 63 هزار روپيا جڏهن ته 12 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت 74 هزار روپيا رکي وئي آهي.
فون کي شروعاتي طور تي چين ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي، پر جلد ان کي پاڪستان ۾ به پيش ڪيو ويندو.