اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جتي جتي ن ليگ سان ڳالهيون يا معاهدو نه ٿيو ته اتي متحده قومي موومينٽ کي موقعو ملندو.
پارليامينٽ هائوس ۾ صحافي بلاول ڀٽو کان سوال ڪيو ته چيو ويندو آهيته پيپلز پارٽي کي ڪامران ٽيسوري جي گورنر سنڌ هجڻ تي اعتراض آهي؟
جنهن جي جواب ۾ بلاول چيو ته اسان جي ڪنهن هڪ شخص بابت اهڙي ڪا به ڳالهه نه آهي.
هن چيو ته ن ليگ اسان جي ڳالهه ٻولهه فائينل ٿي وئي آهي ته ڪٿي ڪٿي گورنرز فائينل هوندا.
سندس چوڻ هو ته جتي جتي ن ليگ سان ڳالهيون ۽ معاهدو نه ٿيو ته اتي ايم ڪيو ايم کي موقعو ملي ويندو.
You might also like