ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا سجل علي کي سوشل ميڊيا تي پنهنجي تعريف ڪرڻ مهانگو پئجي ويو.
سجل علي انسٽاگرام تي پنهنجي وڊيو شيئر ڪندي ٻڌايو ته ميڊيا ۾ سندس ڪو به سٺو دوست نه آهي.
سجل علي جو وڊيو ۾ چوڻ هو ته ميڊيا ۾ منهنجو ڪو به دوست نه آهي آئون پنهنجي بيسٽ فرينڊ پاڻ آهيان.
View this post on Instagram
اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ سوشل ميڊيا تي هيش ٽيگز ۽ ٽرينڊز کي نه ڏسندي آهي.
هن چيو ته هوءَ پنهنجي فيورٽ پاڻ آهي جنهن ۾ ڪجهه واهپيدارن سندن پسند کي قبول ڪيو ۽ ڪجهه واهپيدارن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو.