جيڪڏهن اوهان صبح جو سوير اٿندا آهيو ته امڪان آهي ته پکين جي ٻولڻ جو آواز ٻڌي مزاج تي خوشگوار اثر پوندا هوندا.
صبح جو سوير ٻولڻ پکين جو فطري رويو هوندو آهي، پر اهي ائين ڇو ڪندا آهن؟
ان جو ڪو ٺوس سبب ته واضح نه آهي پر ماهرن ڪجهه خيال ضرور پيش ڪيا آهن.
پکين جي تحفظ واري برطانوي اداري ووڊ لينڊ ٽرسٽ موجب پکين جي ٻولڻ جو سلسلو صبح جو 4 وڳي کان شروع ٿيندو آهي ۽ ڪلاڪن تائين جاري رهندو آهي.
ان بابت ماهرن جو خيال آهي ته اهڙيءَ طرح پکي ٻين پکين کي خبردار ڪندا آهن ته سندن علائقي ۾ داخل ٿيڻ کان پاسو ڪيو وڃي يا اُهي ٻين کي پاڻ سان تعلق قائم ڪرڻ لاءِ ڌيان ڇڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
هڪ خيال اهو به آهي ته پکي اهڙيءَ طرح صبح جو سوير هڪ ٻئي سان اهم پيغامن جي ڏي وٺ ڪندا آهن ڇو صبح جي وقت انهن لاءِ خوراڪ جي ڳولا يا ٻيون سرگرميون ڏکيون هونديون آهن.
هڪ ٿيوري اها به آهي ته پکي صبح جو سوير گيت ڳائي پنهنجي مضبوطي جو اظهار ڪندا آهن، يعني انهن جو ٻولڻ ٻين پکين کي ٻڌائيندو آهي ته هو رات جو بچڻ ۾ ڪامياب رهيا.
ماهرن موجب صبح جو سوير ٿڌي ۽ خشڪ هوا سبب پکين کي واضح آواز هوا ۾ پکيڙڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ اُهي ٻين پکين جي آواز ٻڌي ان کي سڃاڻي به وٺندا آهن.
سائنسدانن موجب پکين جي جسماني توانائي گھڻي نه هوندي آهي تنهنڪري ڪنهن هڪ هنڌ ترسڻ دوران انهن جو ٻولڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.
Next Post
You might also like