ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي نگران وفاقي گھرو وزير ۽ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سرفراز بگٽي بنا مقابلي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ٿي ويو.
بلوچستان اسيمبلي جي سيڪريٽري طاهر شاهه ڪاڪڙ موجب وڏ وزارت لاءِ سرفراز بگٽي جا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويا ان کانسواءِ ٻيو ڪنهن به نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا آهن.
بلوچستان اسيمبلي جي سيڪريٽري چيو ته بنا مقابلي نامزد ٿيڻ باوجود وڏ وزارت لاءِ سڀاڻي ايوان ۾ ووٽنگ ٿيندي.
هن ٻڌايو ته بنا مقابلي نامزد ٿيڻ جي باوجود وڏ وزارت لاءِ سرفراز بگٽي کي 33 ميمبرن جي حمايت گھربل هوندي.
واضح رهي ته وڏ وزارت لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ لاءِ اڄ شام جو 5 وڳي تائين جو وقت مقرر هو.
Prev Post
Next Post
You might also like