اڳوڻي مس انڊيا 28 ورهين جي عمر ۾ فوت

ممبئي (ويب ڊيسڪ) 2017 ۾ مس انڊيا بڻجندڙ عورت رنڪي چڪما ڪينسر وگھي 28 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
رنڪي چڪما ۾ 2022ع ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر ظاهر ٿي هئي ۽ 2 ورهين کان سندس علاج هلي رهيو هو.
هلندڙ مهيني سندس طبعيت خراب ٿيڻ تي کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ جنهن کان پوءِ هن کي وينٽيليٽر تي شفت ڪيو ويو پر هوءَ نه بچي سگھي.
ڪينسر رنڪي چمڪا جي ڦڦڙن ۽ مٿي کي نقصان پهچايو ۽ سندس دماغ ۾ ٽيومر به بڻجي ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.