ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روسي صدر ولاديمير پيوٽن اولهه ملڪن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو جون فوجون يوڪرين جنگ ۾ شامل ٿيون ته جوهري جنگ پکڙجي سگھي ٿي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب پيوٽن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي چيو ته روس ڪنهن کي به پنهنجي اندروني معاملن ۾ مداخلت جي اجازت نه ڏيندو.
هن چيو ته روسين جي اڪثريت يوڪرين ۾ خصوص فوج ڪاررواين جي حمايت ڪري ٿي. هٿياربند فوج جي جنگي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيو آهي. روسي فوجون اعتماد سان اڳڀرائي ڪن پيون ۽ نون علائقن کي آزاد ڪرائين پيون.
روسي صدر فرانسيسي هم منصب پاران نيٽو فوج جي يوڪرين ۾ مقرري جي مطالبي کي رد ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو ملڪ يوڪرين ۾ فوج موڪلين ٿا ته ان سان خطي ۾ جوهري جنگ پکڙجي سگھي ٿي.
Prev Post
Next Post
You might also like