غزا ملبي جو ڍير بڻجي ويو پر سڀ خاموش آهن: سعودي عرب جي سلامتي ڪائونسل تي تنقيد

جنيوا (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل ۾ غزا جي تباهي تي عالمي برادري جي خاموشي تي ڇتي تنقيد ڪندي فوري جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي.

عرب ميڊيا موجب گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي 55 هين اجلاس ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان اسرائيل جي جبري بي گھر ٿيل لکين فلسطينين جي آخري پناهه گاهه رفح تي حملي جي ڌمڪين تي عالمي برادري جي ضمير کي ڌوڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

فيصل بن فرحمان سوال اٿاريو ته اسان هتي ڪهڙن حقن جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون جڏهن ته غزا خاڪ ۽ ملبي جو ڍير بڻجي چڪو آهي. عالمي برادري ان تي ڪيئن ٿي خاموش رهي سگھي جڏهن ته غزا جا ماڻهو بي گھر ۽ انساني حقن جي بدترين ڀڃڪڙين جو شڪار آهن.

Saudi FM

گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سعودي پرڏيهي وزير عالمي ٺهراءَ لاڳو ڪرڻ ۾ ٻٽي معيار ۽ پسند ناپسند رويي کي رد ڪندي اسرائيل جي رفح تي حملي جي تباهه ڪندڙن اثرن کان خبردار ڪيو.

فيصل بن فرحان غزا ۾ جنگ بندي لاءِ سنجيدهه، منصفاڻن ۽ گڏيل قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي عالمي برادري کان مطالبو ته هوءَ پنهنجون ذميواريون ادا ڪري ته جيئن معصوم شهرين جي حفاظت ڪري سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.