سانا طرفان پير ڳوٺ واسڻ بيواهه لاءِ مالي سهائتا جو اعلان

واشنگٽن ڊي سي (پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) طرفان سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ پير ڳوٺ واسڻ ياسمين سولنگي جي مالي صورتحال کي ڏسندي سندس 9 ٻارڙن لاءِ ٻن ڪمرن جي گھر، رڌڻي، واش روم سان گڏ گهر جي خرچ لاءِ ايندڙ ڏيڍ سال لاءِ ماھوار 20 ھزار رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي.
سانا جي پڌرائي ۾ صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ۽ جنرل سيڪريٽري مشتاق راڄپر چيو ته غربت ۽ آمدني جو ذريعو نه ھجڻ سبب 9 ٻارن جي ماءُ ياسمين سولنگي انتھائي مفلسي جي زندگي بسر ڪري رھي آھي، نه وٽن ڪو ڪچو پڪو گھر آھي نه ئي ڪو مستقل روزگار جو ذريعو، سندس ضرورتن کي مدنظر رکندي سانا طرفان سولنگي خاندان جي امداد لاءِ چار ھزار ٻه سئو ڊالرن جي مالي سھائتا ڏني پئي وڃي.
سانا جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ياسمين سولنگي کي ماھوار 20 ھزار راشن لاءِ پڻ ڏنا ويندا، ٻارڙن جي تعليم جو خرچ، مالي طور کيس پنهنجي پيرن تي بيھارڻ لاءِ ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ پڻ امداد ڪئي ويندي، سانا طرفان کيس ڪل 12 لک رپين جي امداد ڏني پئي وڃي.
سانا جي اڳواڻن ميمبرن جا ٿورا مڃيندي کين جس ڏنو ته ھو ھر دفعي سانا جي سڏ کي مان ڏيندي مالي تعاون ڪندا رھندا آھن، اتر امريڪا ۾ رھندڙ سنڌين جي ٻڌي وقت جي اھم ضرورت آھي، جنھن ذريعي ڏکئي وقت ۾ پنھجي قوم جو ڀرجھلو ٿي سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.