اتر ڪوريا تي روس کي وڏي پئماني تي هٿيار ڏيڻ جو الزام

سيئول (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ ڪوريا دعويٰ ڪئي آهي ته اتر ڪوريا جون هٿيار ساز فيڪٽريون روس خاطر هٿيار ٺاهڻ لاءِ ڀرپور قوت سان ڪم ڪري رهيون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب ڏکڻ ڪوريا جي بچاءَ واري وزير شن وون سڪ هڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي ته اتر ڪوريا جون هٿيار ساز فيڪٽريون وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ شيلز تيار ڪري رهيون آهن، جيڪي روس لاءِ ٺاهيا پيا وڃن.
هن چيو ته روس کي کاڌي پيتي جي شين ۽ ٻين ضرورتن جي متبادل طور هٿيار موڪليا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.